صراط الطالبين- حالات ۽ ملفوظات

صراط الطالبين- حالات ۽ ملفوظات

صراط الطالبين حالات ۽ ملفوظات

صراط الطالبين- حالات ۽ ملفوظات (ڪتاب): نوجوان ليکڪ ۽ محقق حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندريءَ جو ترتيب ڏنل هي ناياب ڪتاب راشديه خاندان جي سرواڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي نالي واري درگاهه عاليه راشديه پير جو ڳوٺ (ڪنگري) جي باني، سلسلي قادري ۽ نقشبندي جي مشهور ۽ معروف بزرگ حضرت پير سائين سيد محمد راشد روزي ڌڻي رحه جي والد ۽ مرشد معظم حضرت سيد محمد بقا شاهه شهيد به لقب ‘پٽ ڌڻي’ رحه جي حالات ۽ ملفوظات تي مشتمل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ انتساب ڏنل آهي، جيڪو محسن ملت اعليٰ حضرت شاهه مردان شاهه ثاني رحه ڏانهن منسوب ٿيل آهي. ان کانپوءِ حضرت پير پاڳارا جو شجرو نسب ڏنل آهي، ان کانپوءِ خليفي عبدالله مڱريي، مفتي محمد سڪندري، مفتي عبدالرحيم سڪندري ۽ فقير غلام رسول ڀنڀري جا مختصر تاثرات قلمبند ٿيل آهن. ان بعد حضرت سيد محمد بقا شاهه شهيد جا حالات زندگي، سندن ملفوظات سنڌي ترجمي فارسي متن سميت ڏنل آهن. آخر ۾ تعليمات جي اصطلاح جي وضاحت سان گڏ تاريخي شخصيتن جي مختصر سوانح تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. ڊيمي سائيز 190 صفحن، 4 ڪلر ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪورڊ سان سجايل هي ڪتاب سڪندريه پبليڪيشنز، جامعه راشديه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ 2006ع ۾ شايع ڪيو. جنهن تي 200 روپيه ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو